سراج المومنين

سراج المومنين (قلمي): هي قلمي نسخو سڄو مختلف ديني ۽ اخلاقي ڳالهين تي مشتمل آهي ۽ اصل نسخي ۾ ان کي ’رساله نصائح‘ به ڄاڻايو ويو. هن ۾ اڪثر حديثن بابت ڪافي معلومات ملي ٿي. علم فقه بابت به ڪافي ڄاڻ آهي. هن ڪتاب جو مصنف عبدالرسول بن يار محمد نورنگزادو آهي. ڪتاب جي شروعات هنن لفظن سان ٿئي ٿي.
”ساراهيان احب کي جو حاڪم حڪيما“
۽ اختتام هيئن ٿئي ٿو:
”....... في التاريخ الثاني من شهر ذي القعدة
في وقت زوال في يوم السبت 1301هه مع
الخير والعافية بفضل ايزدمتعالي تمام شد
الهى برآنڪس که اين خط نوشت
عفو کن گناهش عطا کن بهشت
هي قلمي نسخو فقير حاجي احمد جو خط نسخ ۾ ڪتابت ٿيل آهي. 396 صفحن تي مشتمل هي ديني قلمي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو